حقوق الوالدين

حقوق الوالدين: اسلام ۾ انسانن تي والدين جا حق بجا آڻڻ لازم قرار ڏنا ويا آهن. نبي ڪريم صلي الله عليه وآلھ وسلم جو ارشاد آهي ته: والدين جا حق اولاد تي گهڻا آهن، جيڪڏهن هو ڪنهن جا غلام آهن ته اولاد تي فرض آهي ته انهن کي آزاد ڪرائي. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن وڌيڪ فرمايو ته: ماءُ ۽ پيءُ جي حقن جي ادائگي روزي، نماز، حج، زڪوات کان وڌيڪ اهم آهي ۽ جنهن کي ماءُ پيءُ گهران ڪڍي ڇڏيو اهو جنت ۾ ڪو نه ويندو. هڪ شخص نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته: يا رسول الله صلي الله عليه وسلم منهنجا والدين گذاري ويا آهن ان جا حق ڪيئن ادا ڪريان: ” ته حڪم ٿيو ته انهن لاءِ نماز پڙهه ۽ دعا ڪر ۽ جيڪا هو وصيت ڪري ويا اها بجا آڻي ان تي عمل ڪر، انهن جي دوستن جي عزت ڪر ۽ انهن جي ويجهن ماڻهن سان مروت ڪر“.


هن صفحي کي شيئر ڪريو